پنير/ پنير بند

پنير/ پنير بند

پنير پنير بند

پنير/ پنير بند: پنير هڪ ننڍي قسم جو ٻوٽو آهي، جيڪو 1.3 کان 1.9 ميٽر اوچو ٿيندو آهي. هن جا پن 2.5 کان 5.7 سينٽي ميٽر ڊگھا ۽ هڪ کان 2.2 سينٽي ميٽر ويڪرا ٿيندا آهن. پنير جو ٻج اسگند جي ٻجن کان وڏا ٻيرن وانگر گول ٿيندو آهي. هي اسگند جي خاندان جو ٻوٽو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي جابلو علائقن ۾ وڏي تعداد ۾ ٿئي ٿو. سنڌ ۾ عام جام واپرائبو آهي. هي خاص ڪري چاليهي جي مند ۾ ڪوري دکيءَ ۾ وجهي پسائي رکندا آهن، صبح جو رس نپوڙي پيئندا آهن.حڪيمن موجب پنير چاليهن ڏينهن پيئڻ سان ڦٽ ڦرڙيون ۽ گرميءَ واريون بيماريون ختم ٿي وينديون آهن. پنير سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ ڪثرت سان ٿئي ٿو ۽ پسارڪي وکر طور ڪم ايندو آهي. پنير کي انگريزيءَ ۾ Cheese nut، اردوءَ ۾ پنير، هنديءَ ۾ اڪري، پشتو ۾ شيرنگا- شارنگ، عربيءَ ۾ جوازلمزاجا، فارسي ۾ پنيرباد/ ڪاڪنج، هندي ۽ پنجابيءَ ۾ پنير ڏوڏي ۽ لس ٻيلي ۾ ڪپوئي چيو ويندو آهي. پنير جو نباتاتي نالو Withania Coagulans آهي ۽ هن جو تعلق ۾ Malvaceae ٻوٽن جي فيمليءَ سان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو